ڀوٽان جو نقشو

ڀوٽان جو نقشو

ڀوٽان

ڀوٽان: ڀوٽان وچ ايشيا جو ھڪ ملڪ آھي، جنھن جون سرحدون، چين ۽ ھندستان سان ملن ٿيون، ھن ملڪ جي پکيڙ 18,000 چورس ميل يا 47,000 چورس ڪلوميٽر آھي، ھن ملڪ جي آبادي لڳ ڀڳ 15 لک ماڻھن تي مشتمل آھي. ڀوٽان جو دارالحڪومت ”ٿِمپو“ آھي. ھن ملڪ ۾ ٻڌ ڌرم ۽ ھندو ڌرم جا ماڻھو رھن ٿا. ملڪ جي ايراضيءَ جو وڏو حصو پھاڙي آھي، جنھن ۾ ڳوٺ ۽ شھر به آھن ته پوک به ٿئي. ھن ملڪ سان ھماليه جبلن جو سلسلو به ڳنڍيل آھي ۽ ڪيتريون ئي نديون آھن، جيڪي سڄي ملڪ کي زرخيز ڪن ٿيون. ھيءُ ملڪ غذائي لحاظ سان پاڻڀرو آھي. ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جي قبضي وقت ڀوٽان ۽ ھندستان ۾ مختلف ٺاهه ٿيا، ان سلسلي ۾ پھريون ٺاهه 1947ع ۾ عمل ۾ آيو، انھن ٺاھن ھيٺ ڀوٽان کي داخلي خودمختياري ۽ آزاديءَ جي ضمانت ڏني وئي، پر پرڏيھي معاملا برطانيا جي ھٿ ۾ رھيا. 1949ع ۾ ڀارتي حڪومت به ڀوٽان سان ساڳئي قسم جو معاھدو ڪيو، 24 جولاءِ 1972ع تي ڀوٽان جي تخت تي ”جگھي سنگي وانگ چوڪ“ حڪمران ٿي ويٺو، جيڪو روحاني ۽ مذھبي پيشوا پڻ هو. سندس 2 جون 1974ع تي تاجپوشي ٿي. ڀوٽان 1971ع ۾ اقوام متحده جو ميمبر ٿيو. ھيءُ سارڪ ملڪن جي تنظيم جو پڻ ميمبر آھي. هتي گلتروم سڪو رائج آهي. ڀوٽان جي دفتري زبان ”زونکا“ آهي.


لفظ ڀوٽانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو