ڀوڄواڻي

ڀوڄواڻي: سيٺ نائون مل جي پڙ ڏاڏي ڀوڄ مل جو اولاد، جيڪو اڄ تائين پاڻ کي ’ڀوڄواڻي“ سڏائيندو اچي. سيٺ ڀوڄو مل وڏي ملڪيت وارو شخص ٿي گذريو آهي. سندس واپاري ڪوٺيءَ جون وچ ايشيا ۽ ھندستان ۾ گھڻيون ئي شاخون ھيون. شڪارپور ۽ حيدرآباد ۾ اھڙا ڪارخانا ھئا، جن جون شاخون بخارا، سمرقند، ماسڪو، پيٽروگراڊ، قاھره ۽ لنڊن ۾ ھيون، جيڪي سندن مائٽ سنڀاليندا ھئا.


لفظ ڀوڄواڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو