ڀوڳهڙو

ڀوڳهڙو: هڪ قسم جي خوراڪ آهي، جنهن کي ”ڀوڄ“ به چئجي ٿو. جيڪا گيهه ۾ ڪڻڪ جي ڀُڳل اٽي سان کؤنر، باداميون ۽ ٻي مغزات ۽ مصري وغيره ملائي ٺاهبي آهي. سنڌ ۾ هي ڀوڳهڙو ويم وارين عورتن، بيماريءَ مان اٿيل ۽ ڪمزوريءَ ۾ ورتل ماڻهن کي طاقت لاءِ خوراڪ طور کارائيندا آهن. اتر سنڌ ۾ ان کي ’پنجيري‘ به چوندا آهن.


لفظ ڀوڳهڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو