ڀوڻ

ڀوڻ: ڀوڻي، ڦرڻي يا گرڻي، جيڪا کوهه تي لڳل ٻيلنگهه جي سرائيءَ ۾ پيل هوندي آهي، جنهن جي مدد سان کوهه مان پاڻي ڪڍي سگهبو آهي. هي ڪاٺ جي ٺهيل هوندي آهي. هي ڪاٺ جو ٽُڪر جنڊيءَ تي چاڙهي گول ڪندا آهن. ان جي مٿان گولائي وڌائڻ لاءِ ٽي ڪاٺ جا ٽڪر هڪٻئي سان اهڙيءَ طرح ڦهڪائي ڳنڍيندا آهن، جيئن گولائيءَ ۾ پورا ٿي اچن ۽ هڪ چڪرو ٺهي پوندو آهي. چڪري تي ٻنهي پاسن کان ٻه يا ٽي کانچا ڪڍندا آهن، جتان ورت (رسو) ڦرندو آهي ۽ وچ ۾ ننڍي کانچي ۾ لوهه جي مضبوط سيخ يا مضبوط ڪاٺيءَ ۾ اٽڪائي قابو ڪندا آهن. ڀوڻ جي وچ ۾ ٽُنگ هوندو آهي، جنهن کي ”ساڻ“ چوندا آهن. انهيءَ ٽنگ کي گسڻ کان بچائڻ لاءِ ٻنهي پاسن کان لوهه جا گول ويڪرا ڇلا وجھندا آهن، جن کي ”آڻ “ چون. پوءِ انهيءَ ٽنگ جي وچ ۾ ڪاٺي وجھندا آهن، جنهن تي ڀوڻ ڦرندي آهي، ان کي ”اوڙاڪ“ چون. اهو اوڙاڪ کوهه جي منهن تي لڳل ڪاٺ جي ڪوهڙ جي مڪڙن ۾ ٽنگ ڪري ان ۾ ٻنهي پاسي اٽڪائي ڇڏيندا آهن. ”آڻن“ کي وقت به وقت ڪڙو تيل پيا لائيندا آهن، جيئن اُن تي ڪٽ نه چڙهي ۽ ڀوڻ کي ڦرڻ ۾ اٽڪاءُ نه ٿئي، ان کي ” وانگ “ چون، جيئن مشينن جي پرزن کي تيل ڏبو آهي.


لفظ ڀوڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو