ڀيرو

ڀيرو (ٺاٺ ):گرنٿن ۾ هن ٺاٺ کي گونڊ مالو ميل جي نالي سان به لکيو ويو آهي. سر اٿس: سا- را- گي- ما- پا- ڌا- نو- سا. کرج- رکب ڪومل- گنڌار تيور- مڌم شد- پنچم- ڌيوت ڪومل نکاد تيور.
ٺاٺ جون راڳڻيون: ڀيرو- ڪالنگڙا- ميگهه رنجني- سورا شٽر- جوگيا- رام ڪلي- پرڀاتي- بڀاش- گوري للت- پنچم ساوري- بنگال ڀيرو- شوِ مت- ڀيرو- انند ڀيرو- گن ڪلي- هچج- اهير ڀيرو- زيلف ۽ ديس گونڊا- هن ٺاٺ جي خاص ڳالهه اها آهي ته هن ۾ رکب ۽ ڌيوت ٻئي سر ڪومل هوندا آهن، جيڪا سنڌي پرڪاش راڳن جي خاص نشاني آهي. سنڌي راڳن جي اها به نشاني آهي ته اهي ٻه وقت ملڻ وقت به ڳايا ويندا آهن. هن مان جيڪي به راڳڻيون نڪتيون آهن. اُهي اترانگ جون آهن، يعني راڳ پنچم کان وٺي ٽيپ جي کرج تائين هوندو آهي. اڄ ڪلهه جا گويا انهن کي مٿين راڳ جا راڳ سڏين ٿا.


لفظ ڀيروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو