ڀيرَٻَ پکي

ڀيرَٻَ پکي

ڀيرَٻَ

ڀيرَٻَ: هن پکيءَ کي چِٻ به چون. هي گُهگھه پکيءَ جي قسم مان اُن سان مشابهت رکندڙ ٿيندو آهي، پر قد ۾ گهگهه ننڍيرو هوندو آهي، هن جو مٿو ويٺل، ڪن پاسن کان نوڪدار ۽ اُڀا ۽ اکيون وڏيون ٿينديون آهن. هي ڏينهن جو گھڻو ٻاهر نه نڪرندو آهي ۽ جھونن وڻن، خاص ڪري کٻڙن (ڄار جي وڻن) جي ٿُڙن جي پورن (خالي جاين) ۾ رهندو آهي، ڀيرٻ (چٻ) رات جو ٻاهر نڪرندي آهي. ٿري مسافر هن جي ٻولڻ کي نڀاڳي سَنؤڻَ طور ويچاريندا آهن. (وڌيڪ ڏسو: چٻ/ چٻرو)


هن صفحي کي شيئر ڪريو