ڀيلار

ڀيلار: ضلعي خيرپور جي تعلقي گنبٽ ۾ هڪ ديهه، جنهن ۾ ڪل ٻه ڳوٺ آباد آهن. هن نالي سان گمبٽ ۽ پني عاقل تعلقن ۾ جدا جدا ٻه ڳوٺ آباد آهن: هتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ جدا جدا پرائمري اسڪول موجود آهن. ٻيو ڳوٺ تعلقي پني عاقل جي ديهه ”نندپور“ ۾ آباد آهي. هتي بوائز هاءِ اسڪول ۽ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ جدا جدا پرائمري اسڪول ۽ اسپتال موجود آهن.
ڀيلار سنڌين جي هڪ ذات پڻ آهي. خيرپور ضلعي ۾ ڀيلارن جي ڳوٺ جو راجا ڀيلار نامور قومي ڪارڪن ٿي گذريو آهي.


لفظ ڀيلارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو