ڀيلي

ڀيلي: سچائيءَ جي رک يا آزمائش جي هڪ قبائلي رسم، جنھن ۾ لوهه جي تتل سيخ کي گاهه سان ويڙھي ڏوهيءَ جي هٿن تي رکي ان کي ٿورو پنڌ ڪرائيندا ھئا، پوءِ اھو ماڻھو سندن عقيدي موجب جيڪڏھن گناهگار ھوندو ته ان جا هٿ سڙندا ۽ بي ڏوهيءَ جا هٿ نه سڙندا. بلوچستان ۾ ٽانڊن جي ”چر“ مان گذاريندا آهن، جنهن کي ”چر ڀيلي“ چوندا آهن.
ڳڙ جو ڳنڍو يا دِمي، جنھن جي تور اٽڪل پنج ڇهه سير ھجي ان کي به’ڀيلي‘ چوندا آھن.


لفظ ڀيليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو