ڀيلَ

ڀيلَ: پوک ۾ چوپائي مال جي کاڌ ۽ لتاڙ، پوک يا فصل ۾ چوپايو مال گھڙي ٻوٽا لتاڙي کائي خراب ڪري ڇڏي. يا ڪي ماڻھو پوک مان پيچرا ڪري ڇڏين يا رات جو چوريءَ گاهه وغير ه لڻي کڻي وڃن ته انھيءَ حالت کي ”ڀيل“ چوندا آھن. باغن مان ميوي پٽجڻ کان پوءِ ڪيل چونڊ کي به ”ڀيل“ ڪوٺين، ڪڻڪ جي لاباري ۽ ڳاهه کان پوءِ رھيل سنگ ۽ ان ميڙڻ کي ”چونڊو“ چون، ڪتيءَ ۾ وونئڻن جي فصل جي خاتمي تي وونئڻن مان جيڪي ڦٽيون چونڊبيون آھن ان کي به ”چونڊو“ چوندا آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو