ڀينڊي جهنگلي ٻوٽي جو قسم

ڀينڊي جهنگلي ٻوٽي جو قسم

ڀينڊي3

ڀينڊي (Wild Okra) (جهنگلي ٻوٽو ):هن کي پنجابي ۾ ڊيولا، لاطينيءَ ۾ Abelmoschus spp ۽ فارسيءَ ۾ باميه دشتي چئبو آهي. هي وونئڻائي Malvaceae آڪهه مان آهي .هي سدا بهار ٻوٽو آهي. جيڪو وارياسين زمينن تي ٿئي ٿو. هي ٻوٽو گھريلو ڀينڊين جھڙو تمام ننڍو ٿئي ٿو. هن جا گل ننڍا سفيد وچان گلابي رنگ جا ٿين ٿا. هيءَ ڪارونجھر ۽ ننگر پارڪر جي جابلو علائقي ۾ عام جام ٿئي ٿي. حڪيمن جي ڪم جي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو