ڀَرتِي

ڀَرتِي (Bloat ):ڳائي ڍور جي اوجهه ۾ سائي گاهه جي ڦنڊڻ سبب ٿيندڙ سوڄ. هيءَ گھڻو ڪري برسيم يا ڪانسي (گُڏگاهه)، پاري سڙيل يا سينواريل چاري ۽ کاڄ-نليءَ ۾ ٻَجھهَ سبب پيدا ٿيندي آهي. اِها ساهه کڻڻ ۾ مونجھارو پيدا ڪري ٿي ۽ ابتر حالتن ۾ ان سان جانور جو موت واقع ٿئي ٿو.
ماڻهوءَ کي به ڀرتي ٿيندي آهي، جنهن ۾ پيٽ ڦوڪجي ويندو آهي. ان صورت ۾ گئس خارج ڪندڙ دوائون ڪم آڻبيون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو