ڀَرَتُ

ڀَرَتُ: آڳاٽي ھندستان ۾ ”ڀرت“ جي نالي سان ٻه راجا ٿي گذريا آهن، ھڪڙو ڀرت، جيڪو راجا دشينت ۽ راڻي شڪنتلا جو پٽ ھو، جنھن جي نالي پٺيان ھندستان کي ”ڀارت ورش“ جي نالي سان سڏيو ويو. ٻيو ڀرت، راجا دسرٿ جو ننڍو پٽ ۽ شري رامچندر جو ننڍو ڀاءُ ھو، جڏھن راڻي ڪيڪئيءَ جي ضد تي راجا دسرٿ پنھنجي پٽ رام چندر کي چوڏھن ورھيه بنواس ڏنو ته ڀرت کي گاديءَ جو وارث بنايائين. ڀرت کي اھا خبر نه ھئي، ڇو ته ھو ٻاھر ويل ھو. جڏھن ھو موٽي آيو ته شري رامچندر، سيتا ۽ لڇمڻ بنواس روانا ٿي چڪا ھئا ۽ راجا دسرٿ مري ويو ھو. ڀرت انھن جي پٺيان چتر ڪوٽ تائين آيو، ليڪن ھنن موٽي اچڻ کان انڪار ڪيو. تڏھن ڀرت، شري رامچندر جون چاکڙيون کڻي آيو ۽ انھن کي گاديءَ تي رکي حڪومت ڪرڻ لڳو. چوڏھن سالن کان پوءِ شري رامچندر جي واپسيءَ تي راڄ ھن جي حوالي ڪيائين. ڀرت جي شادي مانڊويءَ سان ٿي ھئي، جيڪا سيتا جي سؤٽ ھئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو