ڀَڙَج

ڀَڙَج: ”ڀڙج“ ذات جا ماڻھو غالباً سومرن جي دؤر کان وٺي حب- ملير کان ھيٺ گھاري تائين ۽ گھاري کان ڏکڻ، اولهه کيراڻيءَ واري علائقي ۾ آباد آھن. ان وقت سنڌو نديءَ جو ھڪ ھيٺيون ڇوڙ ڦٽو درياهه ھو، جيڪو گھاري کان ڏکڻ- اولهه طرف وھندو ھو. موجوده ”کيبراڻي ديهه“ ڀڙجن جو ٻيلو ھو.
”ماڙي مورڙو“، جنھن جا کنڊر کيبراڻي ديهه ۾ آھن ۽ ”ٿنڀن واري مسجد“ جي شھر جا کنڊر، ڀڙجن جي وقت جا يادگار آھن. مٿان درياهه جي رخ بدلجڻ ۽ پاڻيءَ جي کوٽ سببان، ڀڙجن وارو علائقو ويران ٿيو، انھيءَ ڪري ڪي قبيلا ھيٺ ساڪري ۽ گھوڙا ٻاريءَ طرف ھليا ويا ۽ ٻيا مٿئين حب ۽ ملير واري ماڳ ڏانھن ويا، جتي هنن پنھجي لاءِ وڌيڪ علائقو ھٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهنڪري ڀڙجن جو، لاشارين ۽ ڪرمتي قبيلن سان ٽڪر ٿيو، جنھن ۾ سندن زور ٽٽو ۽ کين حب ۽ ملير واري علائقي مان بي دخل ٿيڻو پيو، اھو مغلن جو اوائلي دؤر ھو، ان وقت ڪرمتين جو سردار ملڪ حاجي خان ھو، جنھن ڀڙجن کان ملير وارو علائقو ھٿ ڪيو، ڪي ھڪ ٻه راڄ ڀڙجن جا حب واري پاسي رھيا ۽ جڏھن جوکيا راڄ ”ڪنگوريءَ“ واري پاسي کان سندن سربراهه بجار خان جي اڳواڻيءَ ھيٺ حب واري علائقي ۾ آيو ته ڀڙجن جي راڄن کين پنھنجي ايراضيءَ طرف وڌڻ نه ڏنو ۽ پٿر کوڙي دنگ ڪڍيائون ته جيئن جوکيا اڳتي نه وڌن ۽ جوکيا به دنگ جھلي ويھي رھيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو