ڀُوتاڻي

ڀُوتاڻي: ڪوھستان ۽ لس ٻيلي جو ھڪ قبيلو، جيڪو سندن وڏي جي نالي (ڀوت) پويان ’ڀُوتاڻي‘ سڏجي ٿو. هن قبيلي وٽ ڀوتن جي سرداري آهي. سردار گهراڻو ’دريچيءَ‘ بلوچستان ۾ رهي ٿو. لسٻيلي ۽ ڪوھستان جي اڪثر ڀوتاڻين جو واپاري ڪاروهنوار توڙي سماجي تعلق ڪراچيءَ سان آھي. تنھنڪري ڪراچيءَ جي لِي مارڪيٽ ۾ ڀوتاڻي گهڻا رھندا آھن، جيڪي اڪثر واپاري آھن. ڀوتاڻي وقت به وقت بلوچستان جي حڪومت ۾ رهندا آيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو