ڀت

ڀت

ڀِتِ

ڀِتِ: ديوار، ڀت عام طور ڪچين ۽ پڪين سرن جي ٿيندي آهي، پر هن وقت سيمنٽ جي بلاڪن جي به ٺاهيندا آهن. ڀت جو مدار ٿولهه تي آهي. ٻه فوٽي ڀت، ڏيڍ سري ڀت، هڪ سِري ڀت ۽ پَڙدي، جيڪا ويڪر ۾ فقط هڪ سر جي ٺهيل هوندي آهي. عام طور تي ڀت جي اڏاوت، حد مقرر ڪرڻ ۽ حفاظت جي لحاظ کان ڪئي ويندي آهي. چوري چڪاري يا دشمنيءَ کان بچاءَ لاءِ قديم دور کان وٺي حفاظت طور ڀتيون (فصيلون) ٺاهيون وينديون هيون، ان جو وڏي ۾ وڏو مثال ’چين جي عظيم ديوار‘ آهي، جنهن کي ”ديوار چين“ چيو وڃي ٿو. اها ڀت دشمنن جي حملن کان حفاظت لاءِ ٺاهي وئي هئي ۽ اڄ تائين موجود آهي (وڌيڪ ڏسو: ديوار چين). ان کان سواءِ ديوار برلن به مشهور ڀت آهي، جيڪا جرمنيءَ جي اڀرندي شهر ’برلن‘ جي الهندي حصي تي 1961ع ۾ ٺاهي وئي هئي ۽ 1989ع ۾ سوويت يونين جي ٽٽڻ بعد هيءَ ديوار ڊاٺي وئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو