ڀِنجُھو

ڀِنجُھو: سڪل مٽي، کوٽيل مٽي ۽ ڊٺل جاءِ جي مٽي وغيره کي ”ڀنجھو“ چوندا آھن. اھڙيءَ طرح سان ھيٺاھين زمين تي ڀراءُ وجھڻ لاءِ وڌل مٽيءَ، ھر ڏنل زمين (کيڙيل زمين) وارن کڙن ۽ ڀترن واري کيڙيءَ کي به ”ڀنجھو“ چوندا آھن. انھيءَ ڪري ھارين جي اصطلاح ۾ کيڙيل زمين ۾ ٻج وجھڻ کان پوءِ پھريون دفعو پاڻي ڏيڻ کي ”ڀنجھو پيارڻ“ چوندا آھن.
قبر مان نڪتل مٽيءَ کي به ”ڀنجھو“ چوندا آھن.
”ڀر ڀنجھوءَ ويھي، ڪھڙي ڪندين ڳالھڙي“ (شاھه)


هن صفحي کي شيئر ڪريو