ڀينڊي

ڀينڊي

ڀِينڊي

ڀِينڊي(Lady Fingures /Abelmoschus Esculentus):ھيءُ خريف جي موسم جو فصل آھي، جيڪو بقر جي ڀاڄيءَ طور ڪم ايندو آھي. جيئن ته ھيءُ ٻوٽو سردي برداشت نٿو ڪري سگھي، جنهنڪري ان جي واڌ ويجهه لاءِ گرم موسم جي ضرورت پوي ٿي. ڀينڊين جو فصل ٻه دفعا پوکبو آھي، ھڪڙو فيبروري ۽ مارچ ۾ جنھن جو فصل مئي جون ۾ لھي، ٻيو فصل جون ۾ پوکبو آھي، جولاءِ-آگسٽ ۾ لھندو آھي. سنڌ ۾ ڀينڊين کي ”ڪاٺ توريون“ به چون. ڀينڊيون ٻن قسمن جون ٿين، ھڪڙيون ولايتي جن جو ڦر ٽن انچن کان ڇھن انچن تائين ٿئي ۽ ٻيون ڪاڇڻ ڀينڊيون، جيڪي سنڌي ڀينڊيون آھن، اھي ننڍيون ۽ اڌ گول يا مني گول وانگر ٿين. غذائيت جي لحاظ کان ڀينڊيون فائديمند آھن. انھن ۾ اي، بي، سي وٽامن ۽ معدني نمڪيات ( لوھ، چن، فاسفورس ۽ آيوڊين) جو مقدار زياده ٿئي ٿو. طبي لحاظ سان آنڊن جي خرابيءَ ۽ ’السر‘، پيچش ۽ جريان جي علاج طور به ڪم آڻيندا آهن. ڀينڊين جي سڪل ٻوٽن کي پسائي ان جي پاڻيءَ کي ڪمند جي رس مان ڳڙ ٺاھڻ وقت به ڪم آڻيندا آھن، جيڪو ڪمند جي رس مان گندگي ڪڍڻ ۾ مدد ڪندو آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو