ڀٽائي

ڀٽائي (تحقيقي جرنل ):شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس جي سنڌي شعبي جو تحقيقي جرنل”ڀٽائي“، جنھن جا 2005ع تائين اٺ پرچا ڇپيا آھن. ھن تحقيقي جرنل جي سرپرست اعليٰ هن وقت يونيورسٽيءَ جي موجوده وائيس چانسلر ڊاڪٽر نيلوفر شيخ ۽ ايڊيٽر ڊاڪٽر ادل سومرو آهي. جڏهن ته ايڊيٽوريل بورڊ ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر موتي پرڪاش، ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي، ڊاڪٽر نور افروز خواجه، اياز گل ۽ ٻيا شامل آهن. ھن تحقيقي جرنل ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فڪر ۽ پيغام کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ تاريخ تي تحقيقي مقالا ۽ مضمون شايع ڪيا ويندا آھن، ھن تحقيقي سلسلي ۾ ھن وقت تائين ڪيترو اھڙو مواد ڇپيو آھي، جيڪو نون پڙھندڙن لاءِ تحقيق جا نوان دروازا کولڻ جو باعث بڻيو آهي. ھن جرنل ۾ سنڌ جي مختلف اديبن جي ادبي خدمتن بابت نوجوان اديبن جا لکيل مونو گراف پڻ شايع ڪيا ويندا آھن.


لفظ ڀٽائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو