ڀچان

ڀچان: هن نالي سان ضلعي ڄام شوري جي تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ ھڪ ديهه، جنھن ۾ ھيٺان ڳوٺ موجود آھن: چوھاڻ، ڀچا، فضل رند، گبول رند، مير حضر جتوئي، ڪلوئي، پير حاجي مراد، تاجو رند، فقيرو خاصخيلي، مستانا، عرضي گبول، سائينداد گبول. لڪي شاهه صدر جي ڀرسان ڳوٺ ’ڀچا‘ ۾ 1000 کان وڌيڪ ماڻھو آباد آھن. ھتي بوائز ۽ گرلز پرائمري اسڪول موجود آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو