ڄاهو

ڄاهو

ڄاهو

ڄاهو: هيءُ جهنگلي جانور آهي. هن جي سڄي بدن تي ڪنڊا ٿيندا آهن ۽ رنگ جو ڪارو ٿيندو آهي. هن جو وزن هڪ کان پنج ڪلو گرام تائين ٿيندو آهي. هيءُ جڏهن پنهنجو منهن لڪائي ڇڏيندو آهي ته بال وانگر گول ٿي ويندو آهي. هيءُ جانور خاص ڪري نانگن جو دشمن سمجهيو ويندو آهي. جڏهن نانگ کي ڏسندو آهي ته پڇ ۾ چڪ وجهي منهن لڪائي ڇڏيندو آهي. نانگ جو پڇ هن جي منهن ۾ مضبوطيءَ سان جهليل هئڻ ڪري نانگ پاڻ ڇڏائڻ لاءِ مٿان ڏنگ هڻڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي، پر ڪنڊن ۾ ڦٽجندو رهندو آهي. هيءُ تيستائين نانگ جي پڇ مان چڪ نه ڪڍندو آهي، جيستائين نانگ ڦٽجي مري نه پوي. ٿر ۾ مالوند ماڻهو مال جي وٿاڻ ۾ ڄاهي جي اچڻ کي ڀاڳ جي نشاني سمجهندا آهن. هيءُ رات جو وٿاڻ ۾ ويٺل ٻڪرين ۽ رڍن جي ٿڻن ۾ منهن وجهي کير پي ويندو آهي، توڙي جو سڄي بدن تي ڪنڊا هوندا اٿس، پر پوءِ مال کي محسوس نه ٿيڻ ڏيندو آهي. ٿر جا ماڻهو مئل ڄاهي جي ڪنڊن واري کل گهر ۾ رکندا آهن، سندس خيال ۾ ايئن ڪرڻ سان کير ۾ برڪت پوي ٿي. هيءُ جانور ڏينهن جو آرام ڪندو آهي ۽ رات جو کاڌ خوراڪ جي ڳولا ۾ نڪرندو آهي، پاڻ لاءِ خطرو محسوس ڪندي ئي مُنهن لڪائي ڇڏيندو آهي.
- ڄاهو نالي هڪ پکي به آهي جيڪو پاڻي ڪناري رهندو آهي. مڇيون ۽ ڏيڏر کائي گذارو ڪندو آهي.
- ڄاهو سوئر جو هڪ قسم به آهي، سوئر جا مختلف قسم ٿيندا آهن. جن مان هڪ قسم جو سوئر ڄاهو سڏبو آهي، جيڪو گهنڊيدار وارن وارو ٿيندو آهي ۽ ان ۾ تمام گهڻي بدبوءِ ٿيندي آهي.


لفظ ڄاهوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو