ڄوو

ڄوو: هيءُ هڪ جيت آهي، جيڪو اڪثر وارياسي علائقي ۾ مال جي وٿاڻن ۾ ٿيندو آهي. هن جيت جا مختلف قسم ٿيندا آهن. ڪي جونءَ وانگر ننڍڙا ٿين ٿا ته ڪي وري ڪجهه وڏا به ٿيندا آهن. هي ڏسڻ ۾ عام جيتن وانگر هوندا آهن. پر هنن جو چڪ تمام زهريلو هوندو آهي. جيڪڏهن ماڻهو کي چڪ پائي ته خارش ٿي پوندي آهي، جنهن جو اثر ڪجهه ڏينهن تائين رهي ٿو. اڪثر مال جي ڪنن جي اندرين حصي، ٿڻن ۽ پڇ وٽان چڪ پائيندا آهن. هنن جي چڪ سبب مال ڪمزور ٿي پوندو آهي. گهڻو رت چوسڻ سبب ڪيتريون ئي بيماريون پيدا ٿينديون آهن. ماڻهو ڄوَنِ کي ڀڄائڻ لاءِ وٿاڻ کي صاف ڪرائي، لوڻ ڇٽيندا آهن، جنهنڪري ڄوا ختم ٿي يا ڀَڄي ويندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو