چؤسٽو

چؤسٽو (شاعريءَ جي صنف): چئن سٽن تي مشتمل چؤسٽو، ٻن شعرن يعني چئن سٽن يا مصرعن تائين محدود ٿئي ٿو. وقت جي رفتار کي آڏو رکندي، مختصر لفظن ۾ پنهنجو مقصد بيان ڪرڻ خاطر چؤسٽو هڪ مڪمل نظم جي صورت اختيار ڪري ويو. چؤسٽي ۾ رديف ۽ قافيو شاعر مرضيءَ سان استعمال ڪندو آهي. چؤسٽي لاءِ ڪو مقرر بحر يا وزن لازمي نه آهي. موجوده دور ۾ سنڌي شاعريءَ ۾ قطعي کي چؤسٽي طور سڃاتو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته قطعو چئن کان وڌيڪ سٽن ۾ لکيو نه ٿو وڃي. نالي واري شاعر استاد بخاريءَ جا چؤسٽن جا چار ڪتاب: ’لهر لهر دريا‘، ’سوچون ڀڻڪا واڪا‘، ’بخاريءَ جا قطعا‘ ۽ ’پير نه هٽن پوئتي‘ شايع ٿي چُڪا آهن. روزاني هلال پاڪستان ۾ استاد بخاريءَ جا قطعا شايع ٿيڻ کانپوءِ لڳ ڀڳ سنڌ جي سمورين اخبارن ۾ اهو رواج پئجي ويو، سنڌ ۾ هن صنف کي ڀرپور موٽ ملي آهي. استاد بخاريءَ کانسواءِ پرواني ڀٽي، عبدالحڪيم ارشد، راشد مورائيءَ، امداد حسيني، محسن ڪڪڙائيءَ، خاڪي جويي، تاج جويي، زيب عاقلي، هدايت بلوچ ۽ ٻين ڪيترن شاعرن چؤسٽا لکيا آهن.


لفظ چؤسٽوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو