چؤنري

چؤنري

چؤنري

چؤنري: چونري ننڍيءَ گھاگھر جي نموني جو جست يا ڌاتوءَ مان ٺهيل ٿانءَ هوندو آهي، جيڪو اڪثر مينهن، ڳئن ۽ ٻڪرين وغيره جي ڏهڻ ۽ کير رکڻ لاءِ ڪم آندو ويندو آهي. هندن ۾ رسم آهي ته شاديءَ/ ويڏيءَ وقت گھوٽ ۽ ڪنوار چؤنريءَ چڙهندا آهن، يعني چؤنريءَ جا ڦيرا ڏيندا آهن، پوءِ ئي شادي مڪمل ٿيندي آهي. چؤنريءَ دوران گهوٽ ڪنوار جو هٿ پاڻ ۾ ملائي، ڦيرا ڏياربا آهن. ڪي هندو ست ڦيرا کائين ته ڪي وري چار ڦيرا کائيندا آهن. ٽي ڦيرا پهرين ڪنوار ۽ پويان گھوٽ هلندو ۽ چوٿين ڦيري تي گھوٽ اڳيان ۽ ڪنوار پٺيان هلندي آهي. ان ڦيرن کائڻ واري جاءِ کي به ’چؤنري‘ چوندا آهن. چؤنري اٽڪل 10 فوٽ چورس ٺاهبي آهي. چورس جي ڪنڊ تي 5، 7 يا 9 ٿانو هڪ ٻئي مٿان، پهرين وڏو ۽ پوءِ ترتيبوار ننڍا رکي، انهن جي وچان ڦيرا پائبا آهن. برهمڻ يا گُرڙو وچ ۾ ٿورڙي هلڪي باهه ٻاري، اُن ۾ ڪنڊيءَ يا انب جون سنهيون ڪاٺيون وجهندو آهي ۽ اُن مٿان نج گيهه وجھي منتر اچاريندو ويندو آهي، جنهن ۾ دعائيه لفظ هوندا آهن. ان موقعي تي عورتون چؤنريءَ جا گيت به ڳائينديون رهنديون آهن. نموني طور چونريءَ جو هڪ گيت هيٺ ڏجي ٿو:
چانهري پاکين پهلو ڦيرو،
هانجي ري مانري ڌيئڙلي ڪنواري.
[چونري پويان پهريون ڦيرو، منهنجي ڌيءُ اڃا ڪنواري آهي.]
چانهري پاکين ٻيجو ڦيرو،
هانجي ري ڪاڪان ري ڀاتريجي ڪنواري.
[چونري پويان ٻيو ڦيرو، چاچي جي ڀائٽي اڃا ڪنواري آهي.]
چانهري پاکين ٽيجو ڦيرو،
هانجي ري مامي ري ڀاڻيجي ڪنواري.
[چونري پويان ٽيون ڦيرو، مامي جي ڀاڻيجي اڃا ڪنواري آهي.]
چونري پاکين چوٿون ڦيرو،

هانجي ري ڌيئا ٻائي هوئي پرائي.
[چونري پويان چوٿون ڦيرو، منهنجي ڌيئڙي پرائي ٿي وئي.]
هي گيت ڳائجڻ کان پوءِ ڪنوار گھوٽ جي حوالي ٿيندي آهي آخر ۾ پنڊت منتر پڙهندو آهي.


لفظ چؤنريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو