چئناڻي

چئناڻي: چئناڻي اصل ۾ اروڙ ونسي هندو آهن، جن جي نک ’پهوجا‘ آهي. 711ع ۾ عربن جي ڪاهه وقت اروڙ (الور) مان لڏي، ٻيڙين رستي پنجاب ڏي ويا، جتان ٻيهر موٽي سنڌ ۾ چانڊڪا پرڳڻي (لاڙڪاڻي) ۽ ان کان پوءِ حيدرآباد ۾ اچي آباد ٿيا. سندن وڏو ڏاڏو ديوان شيوڪ راءِ هو، جنهن جي پٽ ديوان تولارام جو اولاد ’تولاڻي‘ سڏجن ٿا. ديوان تولا رام کي پنج پٽ هئا، جن مان وچون ديوان هيرانند هو، جنهن جي پٽ ديوان چئنراءِ جي نالي پٺيان هي پاڻ کي ’چئناڻي‘ چوائين ٿا. اهڙيءَ ريت تولاڻي ۽ چئناڻي هڪ ئي ٿڙ جون ٻه شاخون آهن.


لفظ چئناڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو