چادر

چادر: چادر جي لغوي معنيٰ ته ويڪرو ۽ ڊگهو ڪپڙو، رئو، شال يا ڪنهن ڌاتوءَ جو پڙڇ وغيره آهي، پر سنڌ ۾ ان جي اصطلاحي معنيٰ به رائج آهي، جيئن چادر تاڻي سمهڻ کي بي فڪرو ۽ اطمينان جو اظهار ڪرڻ، چادر چاڙهڻ مان مراد ڪنهن مزار تي پاڪ نالن واري يا گلن جي چادر چاڙهڻ وغيره. چادر پهرڻ وري پردي ڪرڻ وارو اصطلاح آهي، جڏهن ته چادر ۽ چؤديواريءَ کي عزت، ناموس ۽ ننگن جي تقدس جي معنيٰ ۾ ورتو ويندو آهي. ان کان سواءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ڏنل هڪ اصطلاح موجب ’چادر وجهڻ‘ هڪ رسم کي به چوندا آهن، جنهن ۾ ڪنواري عورت کي چادر پهرائي کيس هميشه لاءِ نڪاح وغيره کان آجو رکيو ويندو هو، جڏهن ته سنڌ ۾ سڱاوتيءَ جون ڳالهيون طئي ٿيڻ بعد گهوٽيتا، مڱڻي يا شاديءَ کان اڳ ڇوڪريءَ کي لٽو يا چادر مٿي تي اوڍائيندا آهن، ان کي به ’چادر وجهڻ‘ چون ٿا.


لفظ چادرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو