چادري

چادري

چادري

چادري: چادري، برقعي جو هڪ قسم آهي. عام طور عورتن جي پردي لاءِ برقعن جا ٻه قسم هوندا آهن. هڪڙو پشوري برقعو، جيڪو سفيد رنگ جو ۽ گھٽ ۾ گھٽ ڏهن والن جو ٺهندو آهي، جنهن ۾ مٿي تي ڪنگرن واري ٽوپي هوندي آهي ۽ فقط ٻن اکين واري جاءِ تي اُڻاوت سان ڄاري ٺهيل هوندي آهي. جنهن مان آسانيءَ سان نظر پوندي آهي (وڌيڪ ڏسو: پـردو، جـلـد ٽيـون). برقعي جي ٻئي نموني کي چادري سڏيندا آهن، جيڪا ٻن حـصـن ۾ ٺـهـنـدي آهـي. هڪڙو ڪلهن کان وٺي پيرن تائين جامو ۽ ٻيو حصو، جنهن کي رومالي چوندا آهن. مٿي تي پائبي آهي ۽ چيلهه تائين بدن کي ڍڪيندي آهي (وڌيڪ ڏسو برقعو، جلد پهريون).


لفظ چادريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو