چالوڪ

چالوڪ: چالوڪ راجا پرسيو عرف اگن پال جي چئن پُٽن مان هڪ هو، جيڪو به اڳتي هلي راجا ٿيو. جنهن جي اولاد چالوڪيه سڏرايو. راجا چالوڪ ابتدا ۾ اباڻي عقيدي موجب باهه جي پوڄا ڪندو هو، پر آخري عمر ۾ شِوَ جو پيروڪار ٿيو. لوَ ڪوٽ (موجوده لاهور) سندس راڄڌاني هئي، جتي هن شِوَ جو مندر ٺهرايو ۽ شِوَ جي پوڄا شروع ڪرائي، ۽ چالوڪيه سڏجڻ ۾ آيا ۽ جن شِوَ جي لِنگ کي اوتار سمجهي پوڄا شروع ڪئي، سي شولنگي سڏيا ويا، جيڪو لفظ اڳتي هلي سنڌي اُچار موجب سولنگي ٿي ويو. ان ڪري هي خاندان چالوڪيه يا شولنڪي/ شولنگي سڏيو ويو. ٻين راجپوتن نسلن وانگر سندن ذڪر به ’آئين اڪبري‘ ۾ موجود آهي. سندن شجرو هن ريت آهي: چالوڪ پٽ سرم پٽ ڀبونت پٽ مدجڙ پٽ ڀاگ پٽ ڀورت پٽ واسو پٽ ڀرت پٽ ڪامراج پٽ راجوڪا پٽ کار پٽ توگر پٽ برهمڪو پٽ سورائچي پٽ ڪلاچ پٽ بلراج پٽ ڌنراج پٽ ڀوجپال پٽ اگل پال پٽ الميچه پال پٽ وڙاڊوسين پٽ لنگ سين پٽ نانک سين پٽ هري سنگهه پٽ آهونسي دي پٽ ماڌُو جي پٽ ڀيردت پٽ جگديو پٽ بندوديو پٽ راجندرپال ۽ گوبندراج پٽ هنسراج پٽ مولراج پٽ ڦلراج پٽ بڪرم راج.
آئين اڪبريءَ ۾ جيڪي نالا ڏنا ويا آهن، تن مان ڪجهه هن شجري ۾ موجود آهن. ڇٽيهه شاهي خاندانن مان هڪ چالوڪ آهي. سولنگي/ شولنگي قبيلي جو ابتدائي مسڪن لاهور هو. سندن ٻه وڏيون شاخون لنگاهه ۽ توڳرا مشهور آهن. هن قبيلي جي هڪ عرصي تائين ملتان ۽ ان آسپاس وارن علائقن تي حڪومت هئي. چالوڪ قبيلي جو لاهور تي قبضي ۽ حڪومت بابت مسٽر سيول پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ‘Forgotten Empire’ ۾ ذڪر ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح هن قبيلي جي مالابار ۽ بمبئيِءَ تي حڪومت بابت مشهور تاريخدان شري نارائڻ رائو پنهنجي ڪتاب ‘Never To Be Forgotten Empire’ ۾ ذڪر ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح ڪتاب مالابار جي مصنف هن قبيلي جي عروج جو ذڪر تفصيل سان ڪيو آهي. انهن ڪتابن ۾ انهلواڙا، راڄڌاني ڪلياڻ، راڄڌاني ملتان، خاندان چوراسي ۽ راڄڌاني جيسلمير جو ذڪر آهي. انهن هنڌن تي هن قبيلي جي حڪومت رهي. راجا چالڪ راڄڌاني لاهور جو حاڪم هو. راجا ڀاڳ گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ الهه آباد جو راجا هو. جڏهن ته توگر قبيلو پنجند جي خطي جو حاڪم هو. خاندان لانگاهه ملتان جي راڄڌانيءَ جو مالڪ هو. خاندان ڪلاچ مالابار تي حڪومت ڪندو هو. هن قبيلي جون اڪثر جنگيون ڀٽي راجپوتن سان ٿينديون رهيون. جيسلمير مان کين ڀٽي قبيلي ئي ڀڄائي ڪڍيو هو. هن قبيلي جو آخري راجا مولراج هو. جنهن کانپوءِ مسلمان حملي آورن سندن طاقت کي منتشر ڪري ڇڏيو. هن قبيلي جون سورهن شاخون آهن.


لفظ چالوڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو