چانئُٺِ

چانئُٺِ

چانئُٺِ

چانئُٺِ: چانئُٺ گهر جي لنگهه ۾ لڳل چوکٺ جي هيٺين ڪاٺيءَ يا لوهي پٽيءَ کي چئبو آهي، جيڪا ڪجهه حصو زمين يا فرش ۾ پوريل هوندي آهي. ڪن حالتن ۾ چوکٽ جو هيٺيون حصو ڪو نه هوندو آهي، پوءِ به در جي هيٺئين حصي کي چانئٺ چئبو آهي. در جي چئن ڪاٺين يا لوهي پترين مان هيٺينءَ کي چانئٺ چئبو آهي، جڏهن ته باقي ٻنهي پاسن واري ڪاٺين/ پٽين کي ٻانهيون ۽ مٿين پاسي واري ڪاٺيءَ/ پٽيءَ کي سردر چوندا آهن. چانئٺ جي باري ۾ سنڌ ۾ ڪيترا اصطلاح ۽ رسمون رائج آهن، جهڙوڪ: ڪنهن غير مرد پاران گهر جي چانئٺ ٽپڻ کي برو سنؤڻ سمجهيو ويندو آهي. نڪاح کان اڳ مڱڻيءَ جي رسم دوران گهوٽ ساهري گهر وڃي ٻڪيءَ جي مٺائي وٺي چانئٺ تان واپس ٿيندو آهي. سنڌ اندر چادر، چؤديواري ۽ چانئٺ کي عزت ۽ لڄ جي معنيٰ ۾ ورتو ويندو آهي. چانئٺ جي موجودگيءَ سبب ننڍو وڏو جيت جڻيو گهر جي ڪمري ۾ گهٽ داخل ٿي سگهندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو