چانيهو

چانيهو: چانيهو پسارڪي وکر طور ڪم ايندڙ هڪ قسم جي معدنيات آهي. هيءُ وکر هڪ قسم جي کار آهي. جيڪا اڇي رنگ جي تيز ذائقي واري ٿئي ٿي. حڪيمن چواڻي چانهيو معدي ۽ آنڊي جي رطوبت کي خشڪ ڪري ۽ وائي باديءَ کي ختم ڪري ٿو. معدي جي ڪيڙن کي ماري ۽ طعام هضم ڪرائي ٿو. پيٽ جي سور، کنگهه، رت جي دستن، جگر جي باهه ۽ سور لاءِ به مفيد آهي.


لفظ چانيهوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو