چاولا

چاولا: هيءَ هندن جي هڪ ذات آهي، جيڪي اصل ۾ اروڙ ونشي آهن. عربن جي حملي وقت هن ذات جا ماڻهو اروڙ (الور) تعلقي روهڙيءَ کان پنجاب لڏي ويا، جتي انهن مان ڪجهه اڄ تائين آباد آهن. ڪجهه ميرن جي صاحبيءَ دوران ٻيهر سنڌ موٽي آيا، جن مان ڪجهه لاڙڪاڻي ته ڪي وري سکر ۽ شڪارپور ۾ وڃي رهيا ۽ ڪجهه ٺٽي ڏانهن ويا. جن هندو قبيلن سڀ کان پهرين شڪارپور جو شهر وسايو هو، انهن ۾ چاولا به شامل هئا، جنهنڪري شڪارپور ۾ چوڻي آهي ته: ”چگهه، ماکيبا، چاولا، چوٿين ذات بجاج“. چاولا سنڌ ۾ ڪيترن هنڌن تي آباد آهن. هنن مان ڀڳوان داس چاولا مشهور شخص ٿي گذريو آهي، جڏهن ته سندس پٽ مڪيش ڪمار چاولا، هن وقت سنڌ حڪومت ۾ ايڪسائيز جو وزير ۽ اقليتي اڳواڻ آهي.


لفظ چاولاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو