چاوِڙا

چاوِڙا (ذات): چاوڙا هڪ ذات آهن. هن ذات وارا هندو توڙي مسلمان آهن. هندو چاولا ۽ مسلمان چاوڙا سڏائين. چاوِڙا اصل ڪڇ جا هئا. سنڌ ۾ کاري ۽ ناري جي ڪناري تي اڄ به آباد آهن، خاص ڪري ڄامشوري، دادوءَ، بدين ۽ ڪوهستان جي مختلف علائقن ۾ چاوڙن جا وڏا ڳوٺ آباد آهن. هن ذات مان محمد خان چاوڙي، سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽري طور خدمتون سرانجام ڏنيون. هيءُ اصل ۾ ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ ٻُٽ سراين جو ويٺل هو.


لفظ چاوِڙاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو