چرک

چرک: ٿر جي اونهن کوهن ۽ ننڍين ويرئين (کوهين) جي کوٽائيءَ بعد انهن جي تري ۾ ڪنڊيءَ جي چئن يا وڌيڪ مضبوط ڪاٺين کي ’چرخي‘ جي شڪل ۾ کُپائي بيهاربو آهي ته جيئن کوهه جي پيڙهه مضبوط ٿئي. ان کي ٿريءَ ۾ ’چرک‘ چئبو آهي. هي چرک ٿر جا سوٽهڙ واڍا ٺاهيندا آهن. چرک کي جامع سنڌي لغات (بلوچ) ۾ کوهه جو ’چڪ‘ سڏيو ويو آهي.


لفظ چرکھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو