چلاس

چلاس

چلاس

چلاس (Chilas): گلگت بلتستان جو هڪ اهم شهر، جيڪو سنڌو درياهه جي کاٻي ڪناري تي واقع آهي. قديم دؤر ۾ وچ ايشيا مان جيڪي واپاري قافلا هندستان ايندا هئا، سي گلگت بلتستان کانپوءِ چلاس واري هنڌ ساهي پَٽيندا هئا. هتي انگريزن هوائي اڏو به قائم ڪيو هو، جيڪو اڃا تائين موجود آهي. چلاس مان هڪ روڊ شاهراهه قراقرم سان ملي ٿو. هيءُ شهر خنجراب لڪ جي ذريعي چين جي مختلف شهرن سان به ڳنڍيل آهي. هتي ٻڌن ۽ هندن جا جبلن تي ٺهيل نقش اڃا تائين موجود آهن. چلاس کي گلگت جي ضلعي هيڊڪوارٽر جو درجو مليل آهي. هتان جي موسم اونهاري ۾ خشڪ ۽ گرم رهي ٿي، جڏهن ته سياري ۾ هتي گهڻي ٿڌ پوي ٿي.
پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هتي ڪو به رستو نه هو، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هڪ سنهو رستو ٺهيو، جنهن تي صرف جيپ هلي سگهندي هئي، پوءِ شاهراهه قراقرم ٺهڻ سان هتي ترقي ٿيڻ شروع ٿي. هن وقت هيءُ شهر روڊن ذريعي پوري ملڪ سان ڳنڍيل آهي.


لفظ چلاسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو