چنجُور

چنجُور

چنجُور

چنجُور: هيءُ هڪ قسم جو ڌاتي اوزار آهي، جيڪو هاري فصل جي گُڏ ڪڍڻ لاءِ ڪتب آڻيندا آهن. چنجور سان فصل کي گڏ ڪري ٻوٽن جون پاڙون وائکيون ڪيون وينديون آهن ۽ اجايو گاهه ختم ڪرڻ لاءِ ان جون پاڙون ڪــڍيون ويـنديون آهن. دراصل چنجور مزدورن جــو اوزار آهـي، جيـڪـو سـخـت زميـن/ پٿـريلـي زمين کي کوٽڻ جي ڪم ايندو آهي. هن جا ٻه ڇيڙا ٿيندا آهن. هڪ گولائي مائل ۽ ڇيڙي وٽ نوڪدار ٿيندو آهي، ٻيو ڇيڙو چوڪور، پر پڇاڙيءَ ۾ رنبي وانگر چپٿرو ۽ ڪي قدر تِکو هوندو آهي. ٻنهي ڇيڙن جي وچ ۾ ٿيلهرو هوندو آهي ۽ ان حصي ۾ سوراخ (پاهو) ٿيندو اٿس. جنهن ۾ ڪاٺ جو ڳن پيل هوندو آهي، جو ٻن کان اڍائي فوٽ ڊگهو، ٻه انچ يا ٿورو گهٽ ويڪرو هوندو آهي. خود چنجور جو ويڪرو پاسو به ٻه انچ کن ويڪرو ۽ انچ کن ٿلهو مضبوط لوهه جو ٿيندو آهي ۽ پوري چنجور جي ڊيگهه اٽڪل ڏيڍ کان پوڻا ٻه فوٽ ٿيندي آهي. چنجور ٽيڪم جو هڪ قسم آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو