چندرڪونس

چندرڪونس (راڳڻي): هيءَ مشرميل راڳڻي آهي، هن ۾ گنڌار ۽ ڌيوت ڪومل سُر باقي سُر شد آهن. هيءَ کاڊو راڳڻي آهي. هن جي خاص تان- ني سا- گي- ما، ڌي- نيدي- ما، گي- ما- گي سا، ني- ڌي- ني- سا، گي- سا- ماگي، ماگي- سي- گي، ماڌي- ما ، گي- ما- گي- سا آهي، هن جي آروهي ني- سا- گي- ما- ڌي- ني- سا ۽ امروهيءَ ساني- ڌي- ماگي- ماگي- سا آهي، جڏهن ته وادي سُر نکاد ۽ سموادي سُر گنڌار اٿس. ڪي مڌم کي سموادي قرار ڏين ٿا. هيءَ راڳڻي اڌ رات جو ڳائي ويندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو