چنڊام

چنڊام: چنڊام، ڪوهه تراش بٺيءَ جي ڏکڻ اولھه ۾، تعلقي ٿاڻي بولاخان، ضلعي ڄام شوري ۾ واقع آهي. اوڀر ويڪرائي ڦاڪ 67038'70'' ڊگري. اولھه ڊگھائي ڦاڪ 25043'02'' ڊگرين تي موجود هن ماڳ تي اوائلي انسان جي پاڻيءَ کي روڪي آبادي ڪرڻ جي ڪوششن جا نشان آھن، جن کي عام طور گبر بند سڏيو وڃي ٿو. ھي بند پٿرن ۽ مٽيءَ جا ٺھيل آھن، جيڪي 100 کن ميٽرن تائين ڊگھا آھن. گبربند اڻ سروي زمين تي آھن، جيڪي اڄ به استعمال جوڳا آهن. گبربندن کي گوربند/ گورباڻي/ ڪيري/ جي نالن سان به سڏيو وڃي ٿو. ھيءُ بند ميھوڳي جي پاڻيءَ ۽ نين مان اُٿليل پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ ٺاھيل آھن.


لفظ چنڊامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو