چورگپ

چورگپ: درياهه جـي ڀرسـان ڪـن عـلائـقن ۾ چـورگپ هوندي آهي، جيڪا مٿان سُڪل ڏسڻ ۾ ايندي آهي، پر ماڻهو يا ڍور ان گپ ۾ پير رکندو آهي ته هـيـٺ لـهنـدو ويـنـدو آهـي. چـور گـپ کـي ٻيـن لفظن ۾ ’ڌُٻـڻ‘ به چـوندا آهن، جيڪا وڏي ايراضيءَ ۾ ٿيندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن مدد نه ملڻ جي صورت ۾ ماڻهو يا ڍور هيٺ لهندو ويندو آهي ۽ گپ ۾ دٻجي گم ٿي ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو