چوٽياريون

چوٽياريون: ضلعي ۽ تعلقي سانگهڙ جي هڪ ديهه آهي، جنهن ۾ هي ڳوٺ شامل آهن:
چوٽياريون، جوڳيون پِٽَ، وزير شاهه، علي اڪبر شاهه، جاني جوڻيجو، ڳوٺ جاند علي شاهه، بنده علي شاهه، دين محمد راڄڙ ۽ مير محمد علي جوڻيجو.
ڳوٺ چوٽياريون، تعلقي ۽ ضلعي سانگهڙ جي ديهه چوٽياريون ۾ آهي. هن ڳوٺ ۾ 19 صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري هڪ عظيم الشان درسگاهه هئي، جنهن ۾ مصلح المفتاح (دائري وارن جي سنڌي) ۽ ٻيو نصاب پڙهايو ويندو هو. ان کان پوءِ فارسي ۽ آخر ۾ عربي پڙهائي ويندي هئي. مشهور بزرگ سيد محمد عثمان شاهه سنڌ جي هن درسگاهه جو فارغ التحصيل هو.هيءَ درسگاهه انگريزن جي اوائلي دؤر ۾ اوج تي هئي.


لفظ چوٽياريونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو