چوڌري

چوڌري: چوڌري لقب به آهي ۽ بهاولپور جو هڪ قبيلو به آهي. هن قبيلي جا ڪل چار پاڙا مشهور آهن: جنجاڻي، حسبراڻي، همداڻي ۽ ڌاداڻي، جيڪي چون ٿا ته هُو اصل ۾ سلجوق آهن. هنن جو اصل ۾ پيشو ٻني ٻارو ڪرڻ آهي. چوڌري سنڌ ۾ پنجاب کان آيا آهن، ۽ پنجاب ۾ اڄ به وڌربال نالي سان جهلم واري علائقي ۾ رهن ٿا. هي تعلقيدار آهن ۽ زميندارن جا نمائندا ڪري ليکجن ٿا. تعلقيدار اتان جي زميندارن کان وڌيڪ حيثيت رکن ٿا، جو اُهي منظم آهن. چوڌري گهڻو ڪري پاڻ ۾ ڏي وٺ ذريعي شاديون ڪندا آهن، پر ٻاهران سڱ ڪو نه وٺن. هن قبيلي جي پويان گجرات (ڀارت) ۽ مهاراشٽر ۾ ’چوڌري‘ نالي ٻولي به ڳالهائي وڃي ٿي، جيڪا گجراتي لپيءَ ۾ لکبي آهي. هي ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ کان سواءِ گجراتي ۽ هندي به ڳالهائيندا آهن.
پنجاب ۾ ’چوڌري‘ لقب سنڌي لفظ ’وڏيري‘ واري معنيٰ ۾ به استعمال ٿيندو آهي.


لفظ چوڌريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو