چيخوف

چيخوف

چيخوف

چيخوف (Chekhov, Anton Pavlovich): مشهور روسي ليکڪ، جنهن افساني ۽ ڊرامي کي روس ۽ مغرب ۾ هڪ نئون مقام ڏياريون، چيخوف جي لکڻين ۾ عام ماڻهن جي زندگين جي ڏکن ۽ دردن جو ذڪر آهي، هن جا پلاٽ سادا آهن ۽ افسانن ۽ ڊرامن جي پڄاڻي به ڏاڍي شاندار آهي. چيخوف 1860ع ڌاري ڏاکڻي روسي ڳوٺ تاگانروڪ ۾ پيدا ٿيو، جتي هن جو پيءُ ننڍو جنرل اسٽور هلائيندو هو. 1879ع ۾ هن ماسڪو يونيورسٽيءَ ۾ طب پڙهڻ لاءِ داخلا ورتي. شاگرديءَ واري دور ۾ ئي هن گهر جي مالي مدد لاءِ مزاحيه مئگزينن ۾ خاڪا لکڻ شروع ڪيا. تعليم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ هن 1884ع ۾ طب جي پريڪٽس شروع ڪئي پر ان سان گڏ لکڻ جو سلسلو به جاري رکيو. 1887ع ۾ هن جي ادبي صلاحيتن کي عوامي مقبوليت ملي چڪي هئي ۽ لکڻ پڙهڻ واري عمل سبب هن کي طب لاءِ گهٽ واندڪائي ملڻ لڳي. 1890ع ۾ چيخوف ريل گاڏي ۽ ٽانگي تي سائيبريا جو 9650 ڪلوميٽر ڊگهو ۽ ڏکيو سفر ڪيو.

1891ع ۾ هن ڏکڻ ماسڪو ۾ ننڍي جاگير خريد ڪئي ۽ پنهنجون بهترين ڪهاڻيون اتي لکيائين. هو ڪيترن سالن کان سلهه جي بيماري ۾ ورتل هو ۽ 1897ع ۾ بهتر آبهوا واري علائقي يالتا لڏي ويو. ڊگهي عرصي کان هن جي ٿيٽر ۾ دلچسپي هئي. هن جي شروعاتي اهم ڊرامن جي پروڊڪشن ناڪام ٿي، ٿيٽر ۾ هن کي پهرين ڪاميابي 1898ع ۾ ملي، 1901ع ۾ هن نوجوان اداڪاره اونگا ڪنپر سان شادي ڪئي، هن جا هيٺيان افسانا ۽ افسانوي مجموعا مشهور آهن:
(1) The Name Day Party- 1888 (2) The Steppe-1888
(3) A Dreary Story -1889, (4) An Attock of Nerves- 1889,
(5) The Duel-1891, (6) Word No.6-1892,
(7) The Man in a Case, The Lady with the Little Day .
چيخوف کي انگريزيءَ ۾ برطانوي محقق ڪانسٽينس گارنيٽ جي ترجمن جي ڪري سڃاڻپ ملي، جنهن جو ترجمو ڪيل شيون 1916ع کان 1926ع جي وچ ۾ شايع ٿيون، 1920ع جي ڏهاڪي ۾ هي ڊراما انگريزي اسٽيج تي ڇائنجي ويا، چيخوف جا ڪيترائي افسانا اردوءَ ۽ سنڌيءَ ۾ به شايع ٿي چڪا آهن. سنڌ ۽ هند جي سنڌي ڪهاڻيڪارن تي چيخوف جو ڪافي اثر رهيو آهي. مشهور اديب اي. جي. اتم چيخوف جا ڪجهه ڪتاب ترجمو ڪيا آهن.
چيخوف 1904ع ۾ سلهه جي بيماريءَ سبب وفات ڪئي.


لفظ چيخوفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو