چيراٽو

چيراٽو: هڪ قسم جو پسارڪو وکر آهي، جنهن کي چِرائتو ۽ ڪِرائت به چيو وڃي ٿو. هن جون ڪاٺيون ۽ پن سڪل ڪاري رنگ جا ٿين ٿا. ذائقي ۾ تمام ڪڙا آهن. سنڌ جي حڪيمن موجب هن جو ڪاڙهو ڪري پيارڻ سان دل ۽ جگر کي تقويت ملي ٿي، جلندر، پگهر ۽ جگر جي سور، وائي بادي ۽ سخت سوڄ کي تحليل ڪرڻ، کنگهه، دمڪشي، ماليخوليا جي علاج ۾ پڻ مفيد آهي. پيشاب کي جاري ڪري ٿو، مثاني جي ڦٽ بيمارين، نون ۽ پراڻن تپن لاءِ مجرب آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو