چيلُ

چيلُ: هڪ قسم جو جابلو وڻ آهي، جيڪو سمنڊ جي سطح کان پنج هزار فوٽن جي اوچائي تي ٿيندو آهي. چيل جي ڪاٺي تهن واري ٿيندي آهي، جنهن جي تهن مان کؤنر وانگر رس نڪرندي آهي. ان کي پسارڪن وکرن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. حڪيمن موجب ان رس جو پسارڪو نالو ’ٻيرچو‘ مشهور آهي. هن جون ڪاٺيون عمارتي ڪم ۾ ڪتب ايـنديـون آهن. هن جـو ٻـورو ترن جي تيل ۾ ساڙي تيار ڪري اهو تـيـل سـوڄ ۽ سـور واري هـنڌ، عضـون جـي ٻنـڌين تي مالش ڪرائڻ سان فائدو ٿيندو آهي. هن جي ٻوري جو ڪاڙهو پيٽ جي سور، دستن ۽ بخار لاءِ مفيد آهي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو