چيـڪـو

چيـڪـو

چيڪو

چيـڪـو (Sapota Berry/ Achras Sapota Linn): هـيءُ هـڪ قـسـم جــو سدا بهار وڻ آهي، جنهن جو ميوو شوق سان کاڌو وڃي ٿو. هن جو سائنسي نالو (Achras Sapotal) آهي. چيڪو جو اباڻو وطن ميڪسيڪو آهي. جتان هيءُ وڻ فلوريڊا، فلپائين، سريلنڪا ۽ انڊونيشيا، هندستان ۽ سنڌ ڏانهن پکڙيو. هيءُ وڻ سنڌ ۾ ميرپورخاص ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽي، بدين، ۽ نوابشاهه ۾ تقريباً 55 سالن کان پوکجندو پيو اچي. چيڪو ڀارت جي سامونڊي علائقن جھڙوڪ: بمبئي، مدراس ۽ بنگال ۾ به جام پوکجي ٿو. چيڪو بنيادي طرح سان جهنگلي ميوو آهي. هن جي اوچائي 15 کان 20 فوٽن تائين ٿئي ٿي. هن جون ٽاريون ڌڙ کان پکڙيل، هيٺ لڙڪيل ۽ لچڪيدار ٿين ٿيون.
هن جي وڻ جي کل ۾ کير جهڙي پاڻياٺ ٿئي ٿي، جنهن کي تجارتي طور ’چڪل‘ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. چيڪو مان خاص ڪري چيگم (Chewing gum) وڏي مقدار ۾ ٺاهيو وڃي ٿو. هن جا پن بيضوي، ٿلها، سخت چمڪدار، ڊيگهه ۾ چار کان پنج انچ ٿين ٿا. هن جو ميوو گول ۽ بيضوي شڪل جو ٿئي ٿو، سنڌ ۾ چيڪو مختلف قسمن جي زمين تي پوکي سگهجي ٿو. وارياسي، لٽاشي زمين پيداوار لاءِ بهترين آهي. هيءُ وڻ پٿريلي تهن واري زمين جيڪا پاڻيءَ يا برسات کانپوءِ سخت ٿي وڃي، ان تي نه ٿيندو آهي، جڏهن ته سم واري زمين ۾ جنهن ۾هڪ فوٽ تائين لوڻياٺو پاڻي هجي، اتي هن جي پوک ڪري سگهجي ٿي.
آبهوا: چيڪو گرم آبهوائي، سامونڊي علائقن ۾ پوکجي ٿو، پر هن جي پوک گهميل ۽ خشڪ موسم ۾ به ٿئي ٿي. هن جي پوک ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 35.5c ۽ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 11.1 سينٽي گريڊ تي ۽ سراسري طور 60 انچ سالياني مينهن تي ڪري سگهجي ٿي. جڏهن ته هن جا ٻوٽا پاري يا ٿڌ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا.
نسل جي واڌ ويجھه: چيڪو جي نسل جي واڌ ويجهه ٻج وسيلي توڙي پيوند سان ڪئي ويندي آهي، ڇو ته انب وانگر ڪڪڙيءَ مان ڦٽل چيڪو جي اصلي جنس نه ملندي آهي ۽ ڪڪڙيءَ ما ڦٽل ٻوٽا ڦر دير سان جهليندا آهن، انهيءَ ڪري هيءُ وڻ پيوندڪاريءَ واري طريقي مطابق پوکيو وڃي ٿو. ان لاءِ کيرول جي ٻوٽي کي روٽ اسٽاڪ طور ڪم آندو وڃي ٿو. هاڻي تجربن کانپوءِ هڪ نئون پيوندڪاريءَ جو طريقو ايجاد ڪيو ويو آهي، جنهن کي وينيئر پيوند چئجي ٿو. هن وڻ جي پوکائي لاءِ 99 سيڪڙو هاڻي اهو ئي طريقو اختيار ڪيو وڃي ٿو.


لفظ چيڪوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو