چيڪو2

چيڪو (رسم): ونواهه ۾ ويٺل ڪنوار کي روزانو ’چيڪو‘ يعني هيڊ، اُٺ ڪچور ۽ ڪچ ڪچور مليل جَون جو اٽو هڻبو آهي ته جيئن سندس سونهن ۾ واڌارو ٿئي ٿو. ونواهه دوران ڪنوار کي ڪنهن مرد جي پڳ تي نظر وجهڻ به ڪو نه ڏين. ونواهه جي وچ وارن ڏينهن ۾ پاڙي وارا گهوٽ ۽ ڪنوار کي بُسريون ڏيندا آهن. اونهارو هجي ته ڪنوار کي روزانو وهنجاربو آهي. ڪنوار جو لٿل چيڪو ڪنوار جي ماءُ يا ڪا ويجهي مائٽياڻي محفوظ رکندي آهي ۽ پوءِ وهانءَ واري رات، پهرئين ڏينهن واري چيڪو کان سواءِ باقي ٻين ڏينهن جو چيڪو پاڻيءَ ۾ لوڙهي ڇڏينديون آهن ۽ چيڪو وارو ٺڪر جو ٿانو به ڀڃي ڇڏينديون آهن. ڪنوار جي چيڪو واري اٽي جي ايتري سنڀال ڪنديون آهن، جو ڪنوار جي ڀرسان به ڪنهن کي لنگهڻ نه ڏينديون آهن. ڪنوار ڪنهن سان هٿ به نه ملائيندي آهي، متان عضون کي لڳل چيڪو ڪنهن کي ٿورو گهڻو لڳي پوي. ڪن علائقن ۾ ان کي ’آٽڻ ملڻ‘ به چون ته ’ابٽڻ‘ به چون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو