چَتي

چَتي: ڪپڙي جي ڦاٽل حصي کي ننڍي ٽڪر سان ڳنڍڻ کي چتي يا پيوند چئبو آهي. ان کي فقيريءَ يا عجز جي نشاني ڪري سمجهيو ويندو آهي. روايت آهي ته حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن سادي زندگي گذاريندا هئا ۽ ڪپڙن کي چتيون هڻي پائيندا هئا. عام طور تي مجذوب فقير، مجاور وغيره به چتين وارا ڪپڙا پائيندا آهن.
- مٿي ۾ ڪوڙيل وارن جي چورس رتري کي به چتي چئبو آهي.
- ڇڳل جُتيءَ کي ڳنڍڻ لاءِ چمڙي جي ٽڪري هڻڻ کي به چتي چيو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو