چَرَ

چُـرَ: جـبل ۾ قدرتي غار، جنهن کي غفا به چئبو آهي. زمين ۾ گدڙ، ڳـوهون يا اهڙي قسم جا ٻيا جانور کڏ کوٽي رهندا آهن، جنهن کي چُرَ چئبو آهي.
ڪنهن به هنڌ تي ٺهيل اهڙي ڳجھي جاءِ، جتي لڪي ويهجي، ان کي چُر چئبو آهي. علم بشريات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته آڳاٽي زماني ۾ انسان جبلن ۾ ٺهيل قدرتي غارن ۽ چُرن ۾ رهندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو