چَوَڙَ

چَوَڙَ: هڪ قسم جا ٻج آهن، جيڪي اکين جي علاج لاءِ ڊڀ طور ڪم ايندا آهن. هي ڪارا، سنهڙا ۽ چڀڙ جي داڻن جيڏا ٿين ٿا، جن جي کل لاهڻ سان اندران اڇاڻ مائل هيڊو گورو نڪرندو آهي. طبيبن چواڻي: چَوَڙ اک جي ڌنڌ، خارش، پاڻي وهڻ ۽ اک جي پچيءَ لاءِ مفيد آهن. چوَڙ نم ۾ وجھي، سڪائي ڪٽي ڦڪي ڪري کارائڻ سان بواسير جي رت جي گھڻائي، جذام، جلنڌر، يرقان ۽ ٻرهل لاءِ مفيد آهي. چوَڙن جو ٻورو ڦٽن جي رطوبت کي خشڪ ڪري ٿو. رت جي صفائيءَ لاءِ صندل سان هن جو ڪاڙهو استعمال ڪرايو ويندو آهي.
چوڙ: عاج، چاندي يا ڪافور جي ڳنڍيل چوڙن جو ويڙهو. جيڪو ڪرائيءَ کان ٺونٺ تائين، ۽ وري ٺونٺ کان ڪلهي تائين چڙهيل هجي. ان کي ’الهي ڪلهي ٻانهين‘ به چئبو آهي. (وڌيڪ ڏسو: ٻانهين)


هن صفحي کي شيئر ڪريو