چُوڙيي مندر ۾ موجود دُرگا ديويءَ جي مُورتي

چُوڙيي مندر ۾ موجود دُرگا ديويءَ جي مُورتي

چُوڙيو2

چُوڙيو (ڳوٺ ۽ مندر): چوڙيو، ننگرپارڪر تعلقي جو هڪ پراڻو ڳوٺ آهي. هي رڻ ڪڇ جي ڪنڌيءَ تي بارڊر ويجهو هڪ پهاڙيءَ تي آباد آهي. آڳاٽي دور ۾ هتي عاج جي چوڙن جا ڪارخانا هئا، جنهنڪري هن ڳوٺ تي اهو نالو پيو. هن ڳوٺ واري جبل جي چوٽيءَ تي درگا ماتا جو هڪ آڳاٽو مندر به آهي، جتي ساليانو وڏو ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ياتري اچي حاضري ڀريندا آهن. گذريل ٻن سالن کان هن مندر جي علائقي واري ايراضيءَ ۾ ليز تي ٺيڪيدار گرينائيٽ پٿر ڪڍڻ جو ڪم جاري رکيو اچن. ديوي ماتا جي مندر ويجهو جبل جي هيٺئين حصي مان پٿر ڪڍڻ جو سلسلو به تيزيءَ سان جاري آهي، جنهنڪري هن صديون پراڻي مندر جي ميسارجڻ جا امڪان وڌي ويا آهن. جيئن ته ديوي ماتا جي هن مندر جو شمار تاريخي ۽ قديم مندرن ۾ ٿئي ٿو ۽ ديوي ماتا جي مورتي به موجود آهي. ان ڪري هن تاريخي ڳوٺ جي هن تاريخي مندر ڀرسان فطري ماحول کي برقرار رکڻ جي اشد ضرورت آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو