چُڇانگي تفريح گاهه

چُڇانگي تفريح گاهه

چُڇانگي

چُڇانگي: چڇانگي قنبر تعلقي ۾ ڪوهستان واري حصي جو تمام خوبصورت ۽ وڻندڙ تفريح گاهه آهي. هيءَ پاڻيءَ جو ڪُنب آهي، جتي چئني طرفن کان مختلف نئين جا وهڪرا ملن ٿا. ان ڪري هن کي ‘چڇانگي’ يعني چئن ڇانگن يا شاخن وارو ڪنب چون ٿا. هيءُ ڪنب 400 فوٽن جي ٻن جابلو ٽڪرين جي وچ ۾ کاري ٺاهي ٿو. جنهن مان اڳتي هلي ‘کنجي نئن’ نڪري ٿي، جيڪا راهوءَ جي آئٺي کان ٿيندي، دينار ٻرڙي جي ڳوٺ وٽ پڇڙي ڪري ٿي. هن ڪنب جي آسپاس واري سموري علائقي کي مقامي ماڻهو ’چڇانگي‘ چون ٿا. انگريزن جي دور ۾ هن تفريح گاهه کي وڏو اوج حاصل هو. هن ڪنب ۾ انگريز ڪامورا اچي وهنجندا هئا. هن جي ڀر ۾ ’لاکي جا ڪنڊا‘ ۽ ‘لوهيڙا‘ ماڳ آباد آهن. هن علائقي ۾ چانڊين ۽ گانئچن جي گهڻائي رهي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو