چِرمي1

چِرمي1: چرمي هڪ قسم جي ول آهي، جيڪا ٿر ۾ ٿيندي آهي. جنهن ۾ مڱ جي داڻن جيترا ٻج ٿين ٿا. هن ول جو ٻج ڳاڙهي رنگ جو هوندو آهي، جنهن جو مٿيون حصو ڪارو هوندو آهي. سڀ داڻا وزن ۾ هڪجيترا ٿيندا آهن. آڳاٽي زماني ۾ چرمي ول جا داڻا سون تورڻ لاءِ ڪم آڻيندا هئا. هن ول کي مال شوق سان کائيندو آهي. هن جا پن سون مڪئيءَ جهڙا ٿيندا آهن ۽ ٻج سخت ٿيندو آهي. چرميءَ جو ٻج ٻن قسمن جو ٿئي ٿو: اڇو ۽ ڳاڙهو.
چـرميءَ جـا داڻا وزن ۾ مـڱـن جي داڻـن جيـترا ٿيندا. اعشاري (ڏهائي) نظام کان اڳ ۾ ماپ تور جي جدولن ۾ چرميءَ جي داڻن جو ذڪر ملي ٿو:
4 داڻا مڱ يا چرمي برابر هڪ رتي
8 رتيون برابر هڪ ماسو
12 ماسا برابر هڪ تولو
80 تولا برابر هڪ سير
40 سير برابر هڪ مڻ
28 مڻ برابر هڪ ٽن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو